Menu

Clickable Dropdown

Heading Text

Heading Text

Advertisement

Wednesday, September 18, 2019

سنڌي ٻاراڻو ڪتاب (حيدرآباد ريجن)- مائيڪروسافٽ پاورپوائنٽ 97-2003


سنڌي ٻاراڻو ڪتاب (حيدرآباد  ريجن)هجي ۽ روان 

Sindhi text book for class one
For Microsoft Office 97-2003
File Size: 220 MB
File Type: Microsoft PowerPoint Slide Show (.pps)



سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشورو جي درسي سنڌي ڪتاب ”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“ کي جڏهن سافٽويئر جي شڪل ۾ آڻڻ پئي چاهيم ته ڪافي ساريون ڳالهيون ذهن ۾ پئي آيون،  اِهڙو ٻار جنهن کي اڃان ڪمپيوٽر جي مائوس کي پڪڙڻ ۽ مائوس کي ڊريگ ڪرڻ نه ايندو هجي سو اُنهي سافٽويئر کي ڪمپيوٽر تي ڪيئن هلائي سگهندو؟ يا اُهي والدين جن کي ڪمپيوٽر جي بيسڪ جي خبر هجي، سي پنهنجي گهر ۾ سنڌي ڪتاب جي سافٽويئر لاءِ سنڌي ڪيبورڊ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي فونٽس کي ڪيئن انسٽال ڪندا؟
انهن سڀني شين کي سامهون رکندي ”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“ جي هرهڪ اکر کي اميج ۾ تبديل ڪري پاورپوائنٽ جي سلائيڊ شو طور ٺاهڻ شروع ڪيم. ڇو ته والدين طرفان ٻارن لاءِ گهر ۾ موجود ڪمپيوٽرس ۾ مائيڪروسافٽ آفيس تقريبن انسٽال هوندو آهي. ٻار هن سافٽويئر کي ڪيبورڊ جي اسپيس بار کي پريس ڪندي مڪمل ڪتاب کي پڙهي سگهن ٿا يا والدين پنهنجي Android موبائيل ۾ پلي اسٽور تان پاورپوائنٽ سپورٽڊ OfficeSuite انسٽال ڪري ٻارن کي پڙهائي سگهن ٿا.
 ”سنڌي درسي ڳالهائيندڙ ڪتاب“ جي هن ايڊيشن ۾ لاڙ سنڌ لھجي ۾ پڙهائيندڙ هِجي کي شامل ڪيو ويو آهي، جيئن ”ڌ“ کي ”ڌال“، ”ڏ“ کي ”ڏي“، ”ڊ“ کي ”ڊي“، ”ڍ“ کي ”ڍي“ ۽ ”ڻ“ کي ”ڻي“ هِجي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايندڙ ايڊيشن ۾ اُتر لهجي ۾ پڙهائيندڙ هِجي کي شامل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ”ڌ“ کي ”ڌال“، ”ڏ“ کي ”ڏال“، ”ڊ“ کي ”ڊال“، ”ڍ“ کي ”ڍال“ ۽ ”ڻ“ کي ”ڻوڻ“ هِجي ڪيو ويو آهي .

هي ڪتاب هيٺين فيچرس تي مشتمل آهي. 
  1. هي ڪتاب مائيڪرو سافٽ پاورپوائنٽ تي ٺهيل آهي ۽ ٽوٽل 68 سلائيڊن تي مشتمل آهي.
  2. فائيل جو فارميٽ مائيڪروسافٽ پاورپوائنٽ  97-2003  سلائيڊ شو  آهي، جيڪا ڪمپيوٽر ۾ فل اسڪرين ۾ کُلي ٿو. (مائيڪروسافٽ آفيس لازمي انسٽال هجي)
  3. Android موبائيل لاءِ  OfficeSuite جو نئون version انسٽال ڪريو.
  4. فائيل کي مڪمل طور تي کُلڻ ڏيو ته جيئن آواز وارو مسئلو پيش نه اچي.
  5. هن ڪتاب ۾ سڀئي سنڌي ٽيڪسٽ تصويري شڪل ۾ آهن ۽ ان لاءِ الڳ سان سنڌي فونٽس يا ڪيبورڊ جي ضرورت نه پوندي.
  6. اکرن مان لفظ ڪيئن ٺهندا آهن، اُنهي لاءِ لفظن جي هرهڪ اکر کي ٽوڙي لفظ ٺاهڻ جو ترتيب رکيو ويو آهي، ۽ هرهڪ لفظ جي اکر ۽ ٺهندڙ لفظ جو الڳ سان اُچار ڏنو ويو آهي. 
  7. سبقن جي هِجي ۽ روان ڏني وئي آهي.
  8. تصويرن کي اينيميشن ڏني وئي آهي ته جيئن ٻار دلچسپي سان پڙهي سگهن.
  9.  ڪيبورڊ جي Spacebar يا UP & Down Arrows جي مدد سان پريزنٽيشن کي هلائي سگهبو.
  10. ڪنهن به سبق کي پڙهڻ دوران انهي سبق جا اکر ۽ انهي سان ٺهندڙ لفظ ترتيب سان ظاهر ٿيندا رهندا ۽ ٻار کي لفظن کي سمجهن جي صلاحيت پيدا ٿيندي ۽ مڪمل سبق جي لفظن کي ترتيب سان پڙهندو.
*************************************
This Sindhi Talking Text Book is created in PowerPoint presentation & easy to use for those children who don't know how to run programs or how to move mouse cursor on alphabets. In this Sindhi Talking Text Book, there is no need of mouse clicks on alphabets, you can run this program just pressing "Space-bar" or "Down Arrow" keys of keyboard every time and very easy to use on Android mobiles by using PowerPoint supported application on play store. This Talking Text Book is a Textbook and published by Sindh Textbook Board Jamshoro for Class KG in Government sector schools and also in Sindhi medium private schools.

Sindhi Text Book for Class 01 (Hyderabad Region)

This edition of Sindh Baranu Kitaab (Sindh Textbook Board) is based on Hyderabad, Tando Allahyar, Tando Mohammad Khan, Mirpurkhas and other nearby locality diction.

This "Talking Text Book" contains following features:


  1. PowerPoint Show (PPS) file, that opens directly as full screen.
  2. All sindhi text converted as PNG image. 
  3. No need of installation any Sindhi font or Sindhi Keyboard.
  4. Creation of words from alphabets.
  5. Diction of Sindhi alphabets. 
  6. Pronunciations of words.
  7. Animated text and images
  8. Background Voice
  9. Easy way to run PowerPoint Slide Show by Pressing Spacebar key or UP & Down Arrow keys.
Use latest version of OfficeSuite for Android Mobiles to run this application on mobile phones. 

3 comments:

  1. دوستن کي گذارش آهي ته ڪمينٽ ائز
    "Comment as"
    ۾
    Anonymous
    جي بدران
    Name/URL
    .سليڪٽ ڪري پنهنجو نالو لکي ڪمينٽ ڪن ته مهرباني ٿيندي
    Name/URL
    ۾
    URL
    واري جاءِ کي خالي ڇڏي
    Continue
    تي ڪلڪ ڪندا ۽
    I am not a robot
    تي
    tick
    ڪري
    Publish
    .ڪندا ته مهرباني ٿيندي

    ReplyDelete
  2. سر تمام سٺي محنت ڪئي اٿو, موبائل ايپ ۾ هي پروگرام هجي ته ضرور شيئر ڪجو

    ReplyDelete