سنڌي ٻاراڻو ڪتاب ــ سکر ريجن ( فائينل ايڊيشن)
Android Application (apk file)
موبائيل ايپليڪيشن
ڊائون لوڊ ڪريو ۽ پنهنجي موبائيل ۾ انسٽال ڪريو
File Size: 40.1 MB
File Type: apk
{{{{{{{{{{{{{{{
·
Android Application (apk
file)
هي ايپليڪيشن خاص طور تي Android موبائيل ۽ آئي پيڊ لاءِ
ٺاهيو ويو آهي. ڪتاب جي ائنڊريوڊ ايپليڪيشن کي پنهنجي موبائل ۾ ڊائونلوڊ ڪري
انسٽال ڪريو ۽ پنهنجن ٻارن کي گيمز جي
بدران سنڌي ٻاراڻو ڪتاب کولي ڏيو. انشاالله ٻار ڙا هِن ايپليڪيشن مان ضرور لاڀ
حاصل ڪندا.
اُن کان علاوه هن ڪتاب کي حتمي شڪل ڏيندي هر سبق کي پڙهڻ
لاءِ ٻن طريقن کي تعارف ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ بٽڻ رکيا ويا آهن.
{{{{{{{{{{{{{{{
سبق
جي اندر اکر با اکر پڙهڻ لاءِ رکيل بٽڻ
سبق
منتخب ڪرڻ لاءِ رکيل بٽڻ
{{{{{{{{{{{{{{{
پهريون
طريقو:
جڏهن
ته پريوِيس
بٽڻ
کي دٻائيندي اکرن يا لفظن جي هجي کي دهرائي سگهندا ۽ فل اسڪرين
بٽڻ کي دٻائيندي ڪتاب کي فل اسڪرين ۾ کولي
سگهندا. ان کان علاوه هر هڪ سبق جي هيٺ” “Toolbar ڏنل آهي. جنهن مان
بٽڻ کي دٻائيندي، نئين
سبق جي شروعات ڪري سگهندا ۽ ”پويون سبق“ بٽڻ کي دٻائيندي واپس
پوئين سبق جي شروعات ڪري سگهندا. جڏهن ته ”سبق دهرايو“ بٽڻ کي دٻائيندي، سبق کي
شروع کان دهرائي سگهندا.
ٻيو
طريقو:
هن
طريقي تحت ”واليوم X“ بٽڻ
کي دٻائيندي سبق کي پاڻمرادو پڙهي سگهندا، يعني هڪ مرتبه ”واليوم X
“
بٽڻ کي دٻائڻ سان مڪمل سبق هجي ۽ روان سان
گڏ پورو ٿيندو. بار بار نيڪسٽ بٽڻ ”Next>
“
يا وري ”
u“ بٽڻ جي دٻائڻ جي ضرورت نه پوندي. جڏهن ته ”هوم H“ بٽڻ جي دٻائڻ
سان سبقن جي فهرست کلي ويندي.
هي ڪتاب هيٺين فيچرس تي مشتمل آهي.
1. سنڌي ٻاراڻو ڪتاب جي هن ايڊيشن کي Android Application ۾ ٺاهيو ويو آهي ، جنهن کي ڪنهن به Android Mobile يا iPad ۾ باآساني انسٽال ڪري هلائي سگهندئو.
2. هن ڪتاب ۾ هرهڪ سبق لاءِ Manual-Slide ۽ Auto-Slide آٽو
سلائيڊ استعمال ٿيل آهن، ته جيئن ٻار پنهنجي مرضي مطابق سبق کي ٻُڌي ۽
سمجهي سگهن.
3. آڊيو
آواز لاءِ فرسٽ ٽائيم ڪتاب کلڻ کان پوءِ ڪجهه سيڪنڊ انتظار ڪريو ته جيئن ڪتاب مڪمل
طور تي کُلي .
4. هن ڪتاب ۾ سڀئي سنڌي ٽيڪسٽ تصويري شڪل ۾ آهن
۽ ان لاءِ الڳ سان سنڌي فونٽس يا ڪيبورڊ جي ضرورت نه پوندي.
5. اکرن مان لفظ ڪيئن ٺهندا آهن، اُنهي لاءِ لفظن
جي هرهڪ اکر کي ٽوڙي لفظ ٺاهڻ جو ترتيب رکيو ويو آهي، ۽ هرهڪ لفظ جي اکر ۽ ٺهندڙ
لفظ جو الڳ سان اُچار ڏنو ويو آهي.
6. سبقن جي هِجي ۽ روان ڏني وئي آهي.
7. تصويرن کي اينيميشن ڏني وئي آهي ته جيئن ٻار
دلچسپي سان پڙهي سگهن.
8. موبائيل يا آئي پيڊ تي ڪتاب پڙهڻ لاءِ بٽڻ ڏنا
ويا آهن، جنهن جي استعمال جو طريقو مٿي ڏنل آهي.
9. ڪنهن به سبق کي پڙهڻ دوران انهي سبق جا اکر ۽
انهي سان ٺهندڙ لفظ ترتيب سان ظاهر ٿيندا رهندا ۽ ٻار کي لفظن کي سمجهن جي صلاحيت
پيدا ٿيندي ۽ مڪمل سبق جي لفظن کي ترتيب سان پڙهندو.
{{{{{{{{{{{{{{{
جيئن ته سنڌي ٻولي هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن کي پنهنجي شاهڪار
ثقافت جو وسيع پسمنظر ۽ لوڪ ادب آهي. سنڌو ماٿري ٻوليءَ جي لکت پنج هزار سالن کان
اڳ قديم آثارن جي کوٽائيءَ مان ملي آهي. پاڪ ۽ هند کان سواءِ ٻين ڪيترن ملڪن
جهڙوڪ: تنزانيا، ڪينيان، يوگينيان، ڪانگو، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، آمريڪا، سميت ٻين
ملڪن ۾ پڻ چار لک کان وڌيڪ ماڻهو سنڌي ٻوليءَ ڳالهائين ٿا، ان کان سواءِ هانگ
ڪانگ، سنگاپور، ٿائيلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ به
سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌو ماٿريءَ جي لکت جي شروعات ست هزار چار سئو قبل
مسيح (7400) ق،م جي پڇاڙيءَ ۾ ٿي. اها لکت موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي کوٽائي مان ملڳل
مهرن مان ملي ٿي ۽ ملي آهي.
پاڪستان جي 1973ع واري آئين شق نمبر 3،
251 ۾ ڄاڻايل آهي ته قومي ٻولي جي حيثيت
کي قائم رکندي ڪا به صوبائي اسيمبلي قومي ٻولي سان گڏ صوبائي ٻولي ۾ سکيا، ترقي ۽
استعمال لاءِ قانوني اُپاءَ وٺي سگهي ٿي.
آئين جي هن آرٽيڪل کي مد نظر رکندي سنڌ
اسيمبلي اهڙو قانون، سنڌ لينگويج ايڪٽ 1972ع سنڌي ٻولي سکيا، ترقي ۽ استعمال ۽ سنڌ
ترميمي ايڪٽ 1990ع سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال جي صورت ۾ منظور ڪيو، جنهن
موجب قومي ٻولي جي حيثيت کي قائم رکندي سنڌ ۾ لازمي طور سنڌي ٻولي جو استعمال
ٿيندو، جڏهن ته سنڌ جي عوام جو مطالبو آهي ته ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.

No comments:
Post a Comment