Menu

Clickable Dropdown

Heading Text

Heading Text

Advertisement

Saturday, December 28, 2019

سنڌي ٻاراڻو ڪتاب (حيدرآباد ريجن)- فائينل ايڊيشن (ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ لاءِ)

سنڌي ٻاراڻو ڪتاب ــ حيدرآباد  ريجن ( فائينل ايڊيشن)
Auto  slide

For Microsoft Office 2007 or Latest Version
File Size:140 MB
File Type: Microsoft PowerPoint Slide Show (.ppsx)


{{{{{{{{{{{{{{{

·        PPSX (PowerPoint Slide Show) 
هن فارميٽ لاءِ مائيڪروسافٽ آفيس 2007  يا انهي کان وڌيڪ versionجو انسٽال هجڻ لازمي آهي. هن فارميٽ تحت ٻار ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ تي آسانيءَ سان پڙهي سگهن ٿا.  اُن کان علاوه  هن ڪتاب کي حتمي شڪل ڏيندي هر سبق کي پڙهڻ لاءِ  ٻن طريقن کي تعارف  ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ بٽڻ رکيا ويا آهن.
"ڪتاب پڙهڻ لاءِ رکيل بٽڻ "
{{{{{{{{{{{{{{{
پهريون طريقو:
پهرين طريقي تحت ڪنهن به سبق کي ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ جي spacebar  يا Arrow keys جي دٻائيندي  اکر با اکر ۽ لفظ با لفظ  سبق کي پڙهي سگهندا.
ڪتاب پڙهڻ لاءِ  ”اڳتي“ بٽڻ کي دٻائيندي، نئين سبق جي شروعات ڪري سگهندا ۽ ”پويون سبق“ بٽڻ کي دٻائيندي واپس پوئين سبق جي شروعات ڪري سگهندا.  جڏهن ته ”سبق دهرايو“ بٽڻ کي دٻائيندي، سبق کي شروع کان دهرائي سگهندا.
{{{{{{{{{{{{{{{
ٻيو طريقو؛
هن طريقي تحت ”واليوم  X  بٽڻ کي دٻائيندي سبق کي پاڻمرادو پڙهي سگهندا، يعني هڪ مرتبه ”واليوم X بٽڻ کي دٻائڻ سان  مڪمل سبق هجي ۽ روان سان گڏ پورو ٿيندو. بار بار spacebar   يا  arrow keys دٻائڻ جي ضرورت نه پوندي.. جڏهن ته ”هوم  H بٽڻ  جي دٻائڻ  سان سبقن جي فهرست کلي ويندي.

{{{{{{{{{{{{{{{

هي ڪتاب هيٺين فيچرس تي مشتمل آهي. 

1.      هي ڪتاب پاورپوائنٽ ۾ ٺهيل آهي ۽ ڪمپيوٽر ۾کولڻ سان فل اسڪرين ۾ کلي سگهندو. (مائيڪروسافٽ آفيس 2007 يا مائيڪرو سافٽ آفيس جو ڪوبه نئون version لازمي انسٽال هجي)
2.      Android Mobile يا iPad لاءِ Android Application  فائيل ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو، جيڪو هن ئي بلاگ تي اپلوڊ ٿيل آهي.
3.      هن ڪتاب ۾ هرهڪ سبق لاءِ Manual-Slide ۽ Auto-Slide آٽو سلائيڊ استعمال ٿيل آهن، ته جيئن ٻار پنهنجي مرضي مطابق سبق کي ٻُڌي ۽ سمجهي سگهن.
4.      آڊيو آواز لاءِ فرسٽ ٽائيم پريزنٽيشن کلڻ کان پوءِ ڪجهه سيڪنڊ انتظار ڪريو ته جيئن سافٽويئر مڪمل طور تي کُلي . 
5.      هن ڪتاب ۾ سڀئي سنڌي ٽيڪسٽ تصويري شڪل ۾ آهن ۽ ان لاءِ الڳ سان سنڌي فونٽس يا ڪيبورڊ جي انسٽاليشن جي ضرورت نه پوندي.
6.      اکرن مان لفظ ڪيئن ٺهندا آهن، اُنهي لاءِ لفظن جي هرهڪ اکر کي ٽوڙي لفظ ٺاهڻ جو ترتيب رکيو ويو آهي، ۽ هرهڪ لفظ جي اکر ۽ ٺهندڙ لفظ جو الڳ سان اُچار ڏنو ويو آهي. 
7.      سبقن جي هِجي ۽ روان ڏني وئي آهي.
8.      تصويرن کي اينيميشن ڏني وئي آهي ته جيئن ٻار دلچسپي سان پڙهي سگهن.
9.      ڪيبورڊ جي Spacebar يا UP & Down Arrows جي مدد سان پريزنٽيشن کي هلائي سگهبو.
10. ڪنهن به سبق کي پڙهڻ دوران انهي سبق جا اکر ۽ انهي سان ٺهندڙ لفظ ترتيب سان ظاهر ٿيندا رهندا ۽ ٻار کي لفظن کي سمجهن جي صلاحيت پيدا ٿيندي ۽ مڪمل سبق جي لفظن کي ترتيب سان پڙهندو.

{{{{{{{{{{{{{{{

جيئن ته سنڌي  ٻولي هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن کي پنهنجي شاهڪار ثقافت جو وسيع پسمنظر ۽ لوڪ ادب آهي. سنڌو ماٿري ٻوليءَ جي لکت پنج هزار سالن کان اڳ قديم آثارن جي کوٽائيءَ مان ملي آهي. پاڪ ۽ هند کان سواءِ ٻين ڪيترن ملڪن جهڙوڪ: تنزانيا، ڪينيان، يوگينيان، ڪانگو، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، آمريڪا، سميت ٻين ملڪن ۾ پڻ چار لک کان وڌيڪ ماڻهو سنڌي ٻوليءَ ڳالهائين ٿا، ان کان سواءِ هانگ ڪانگ، سنگاپور، ٿائيلينڊ  ۽ ٻين ملڪن ۾ به سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌو ماٿريءَ جي لکت جي شروعات ست هزار چار سئو قبل مسيح (7400) ق،م جي پڇاڙيءَ ۾ ٿي. اها لکت موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي کوٽائي مان ملڳل مهرن مان ملي ٿي ۽ ملي آهي.
پاڪستان جي 1973ع واري آئين شق نمبر 3، 251  ۾ ڄاڻايل آهي ته قومي ٻولي جي حيثيت کي قائم رکندي ڪا به صوبائي اسيمبلي قومي ٻولي سان گڏ صوبائي ٻولي ۾ سکيا، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانوني اُپاءَ وٺي سگهي ٿي.

آئين جي هن آرٽيڪل کي مد نظر رکندي سنڌ اسيمبلي اهڙو قانون، سنڌ لينگويج ايڪٽ 1972ع سنڌي ٻولي سکيا، ترقي ۽ استعمال ۽ سنڌ ترميمي ايڪٽ 1990ع سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال جي صورت ۾ منظور ڪيو، جنهن موجب قومي ٻولي جي حيثيت کي قائم رکندي سنڌ ۾ لازمي طور سنڌي ٻولي جو استعمال ٿيندو، جڏهن ته سنڌ جي عوام جو مطالبو آهي ته ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. 

No comments:

Post a Comment