Menu

Clickable Dropdown

Heading Text

Heading Text

Advertisement

Wednesday, October 16, 2019

سنڌي ٻاراڻو ڪتاب (سکر ريجن)هجي ۽ روان - پاورپوائنٽ 97-2003

سنڌي ٻاراڻو ڪتاب پهرين ڪلاس لاءِ (سکر ريجن)هجي ۽ روان 


For Microsoft Office 97-2003
File Size:214 MB
File Type: Microsoft PowerPoint Slide Show (.pps)



هي ڪتاب هيٺين فيچرس تي مشتمل آهي. 

1.      هي ڪتاب مائيڪرو سافٽ پاورپوائنٽ تي ٺهيل آهي ۽ ٽوٽل 68 سلائيڊن تي مشتمل آهي.
2.      فائيل جو فارميٽ مائيڪروسافٽ پاورپوائنٽ  97-2003  سلائيڊ شو  آهي، جيڪا ڪمپيوٽر ۾ فل اسڪرين ۾ کُلي ٿو. (مائيڪروسافٽ آفيس لازمي انسٽال هجي)
3.      Android موبائيل لاءِ  OfficeSuite جو نئون version انسٽال ڪريو.
4.      فائيل کي مڪمل طور تي کُلڻ ڏيو ته جيئن آواز وارو مسئلو پيش نه اچي.
5.      هن ڪتاب ۾ سڀئي سنڌي ٽيڪسٽ تصويري شڪل ۾ آهن ۽ ان لاءِ الڳ سان سنڌي فونٽس يا ڪيبورڊ جي ضرورت نه پوندي.
6.      اکرن مان لفظ ڪيئن ٺهندا آهن، اُنهي لاءِ لفظن جي هرهڪ اکر کي ٽوڙي لفظ ٺاهڻ جو ترتيب رکيو ويو آهي، ۽ هرهڪ لفظ جي اکر ۽ ٺهندڙ لفظ جو الڳ سان اُچار ڏنو ويو آهي. 
7.      سبقن جي هِجي ۽ روان ڏني وئي آهي.
8.      تصويرن کي اينيميشن ڏني وئي آهي ته جيئن ٻار دلچسپي سان پڙهي سگهن.
9.      ڪيبورڊ جي Spacebar يا UP & Down Arrows جي مدد سان پريزنٽيشن کي هلائي سگهبو.
10.  ڪنهن به سبق کي پڙهڻ دوران انهي سبق جا اکر ۽ انهي سان ٺهندڙ لفظ ترتيب سان ظاهر ٿيندا رهندا ۽ ٻار کي لفظن کي سمجهن جي صلاحيت پيدا ٿيندي ۽ مڪمل سبق جي لفظن کي ترتيب سان پڙهندو.

جيئن ته ”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“ جي هن ايڊيشن ۾ سنڌ جي اُترئين حصي ۾ ٿيندڙ هِجي واري نموني کي شامل ڪيو ويو آهي. مثال طور:
ڏ = ڏال   ــ              ڊ =ڊال    ــ              ڍ =ڍال   ــ              ڻ =ڻوڻ
ڏ = ڏال ڏيڏر          ــ              ڊ =ڊال ڊيل            ــ              ڍ =ڍال ڍڳو            ــ              ڻ =ڻوڻ وڻ
جڏهن ته ”۽“  ”اَئِينَ دو زير اَئين“ جي هِجي کي ”الف دو زير اَئين“  طور شامل ڪيو ويو آهي. اُن کان علاوه
”هه “ جي اُچار کي ”هي“
”ح“ جي اُچار کي ”حائي“
 ۽ ”ء“ جي اُچار کي ”همزو“  طور شامل ڪيو ويو آهي.
جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جي خطاطي ۾ ٽوٽل 52 اکر آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي خطاطي شڪل ۾ آڻين ٿا. سنڌ جي هر درسگاه ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ساڳيا اکر استعمال ٿين ٿا. ليڪن اُنهن اکرن جي اُچارڻ جو طريقو سنڌ جي هرخطي ۾ مختلف آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اکرن کي اُچارڻ يا هِجي ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ٻه نمونا استعمال ٿين ٿا، سنڌ جي اُترئين حصي ۾  ٿيندڙ ڪجهه اکرن جي اُچارڻ ۽ هِجي جو نمونو هِن رِيت آهي:
ڏ = ڏال    ــ              ڊ =ڊال    ــ              ڍ =ڍال   ــ              ڻ =ڻوڻ
ڏ = ڏال ڏيڏر ــ     ڊ =ڊال ڊيل       ــ       ڍ =ڍال ڍڳو     ــ           ڻ =ڻوڻ وڻ
جڏهن ته سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾  ڏِنل اکرن جو اُچار يا  هِجي هِن ريت آهي:
ڏ = ڏي    ــ              ڊ =ڊي     ــ              ڍ = ڍي   ــ              ڻ =ڻي
ڏ = ڏي ڏيڏر  ــ       ڊ =ڊي ڊيل       ــ       ڍ = ڍي ڍڳو      ــ       ڻ =ڻي وڻ
”ڌ“ جو اُچار به سنڌ جي ڏاکڻين حصي ۾ مختلف آهي. ڪٿي ”ڌ“ جو اُچار ”ڌي“ طور اُچاريو ويندو آهي، ته ڪٿي ”ڌال“ طور. ليڪن ”ڌي“ جو اُچار تمام گهٽ اُچاريو ويندو آهي، جڏهن ته ”ڌال“ جو اُچار سڄِي سنڌ ۾ گهڻو رائج آهي.
ڌ  =ڌال   ــ              ڌ  =ڌي
ڌ  =ڌال ڌوٻي         ــ              ڌ  =ڌي ڌوٻي

Tuesday, October 15, 2019

سنڌي ٻاراڻو ڪتاب (سکر ريجن)هجي ۽ روان - پاورپوائنٽ 2007 يا نِيو ايڊيشن

سنڌي ٻاراڻو ڪتاب پهرين ڪلاس لاءِ (سکر ريجن)هجي ۽ روان 

For Microsoft Office 2007 or Latest Version
File Size:140 MB
File Type: Microsoft PowerPoint Slide Show (.ppsx)



”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“  جي هن ايڊيشن ۾ سنڌ جي اُترئين حصي ۾ ٿيندڙ هِجي واري نموني کي شامل ڪيو ويو آهي.
ڏ = ڏال   ــ              ڊ =ڊال    ــ              ڍ =ڍال   ــ              ڻ =ڻوڻ
ڏ = ڏال ڏيڏر          ــ              ڊ =ڊال ڊيل            ــ              ڍ =ڍال ڍڳو            ــ              ڻ =ڻوڻ وڻ
جڏهن ته ”۽“  ”اَئِينَ دو زير اَئين“ جي هِجي کي ”الف دو زير اَئين“  طور شامل ڪيو ويو آهي. اُن کان علاوه
”هه “ جي اُچار کي ”هي“
”ح“ جي اُچار کي ”حائي“
 ۽ ”ء“ جي اُچار کي ”همزو“  طور شامل ڪيو ويو آهي.
جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جي خطاطي ۾ ٽوٽل 52 اکر آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي خطاطي شڪل ۾ آڻين ٿا. سنڌ جي هر درسگاه ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ساڳيا اکر استعمال ٿين ٿا. ليڪن اُنهن اکرن جي اُچارڻ جو طريقو سنڌ جي هرخطي ۾ مختلف آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اکرن کي اُچارڻ يا هِجي ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ٻه نمونا استعمال ٿين ٿا، سنڌ جي اُترئين حصي ۾  ٿيندڙ ڪجهه اکرن جي اُچارڻ ۽ هِجي جو نمونو هِن رِيت آهي:
ڏ = ڏال    ــ              ڊ =ڊال    ــ              ڍ =ڍال   ــ              ڻ =ڻوڻ
ڏ = ڏال ڏيڏر ــ     ڊ =ڊال ڊيل       ــ       ڍ =ڍال ڍڳو     ــ           ڻ =ڻوڻ وڻ
جڏهن ته سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾  ڏِنل اکرن جو اُچار يا  هِجي هِن ريت آهي:
ڏ = ڏي    ــ              ڊ =ڊي     ــ              ڍ = ڍي   ــ              ڻ =ڻي
ڏ = ڏي ڏيڏر  ــ       ڊ =ڊي ڊيل       ــ       ڍ = ڍي ڍڳو      ــ       ڻ =ڻي وڻ
”ڌ“ جو اُچار به سنڌ جي ڏاکڻين حصي ۾ مختلف آهي. ڪٿي ”ڌ“ جو اُچار ”ڌي“ طور اُچاريو ويندو آهي، ته ڪٿي ”ڌال“ طور. ليڪن ”ڌي“ جو اُچار تمام گهٽ اُچاريو ويندو آهي، جڏهن ته ”ڌال“ جو اُچار سڄِي سنڌ ۾ گهڻو رائج آهي.
ڌ  =ڌال   ــ              ڌ  =ڌي
ڌ  =ڌال ڌوٻي         ــ              ڌ  =ڌي ڌوٻي

هي ڪتاب هيٺين فيچرس تي مشتمل آهي. 

1.      هي ڪتاب پاورپوائنٽ ۾ ٺهيل آهي ۽ ڪمپيوٽر ۾کولڻ سان فل اسڪرين ۾ کلي ٿو. (مائيڪروسافٽ آفيس لازمي انسٽال هجي)
2.   Android موبائيل لاءِ OfficeSuite انسٽال ڪريو، آڊيو آواز لاءِ فرسٽ ٽائيم پريزنٽيشن کلڻ کان پوءِ ڪجهه سيڪنڊ انتظار ڪريو ته جيئن سافٽويئر مڪمل طور تي کُلي . 
3.      هن ڪتاب ۾ سڀئي سنڌي ٽيڪسٽ تصويري شڪل ۾ آهن ۽ ان لاءِ الڳ سان سنڌي فونٽس يا ڪيبورڊ جي ضرورت نه پوندي.
4.      اکرن مان لفظ ڪيئن ٺهندا آهن، اُنهي لاءِ لفظن جي هرهڪ اکر کي ٽوڙي لفظ ٺاهڻ جو ترتيب رکيو ويو آهي، ۽ هرهڪ لفظ جي اکر ۽ ٺهندڙ لفظ جو الڳ سان اُچار ڏنو ويو آهي. 
5.      سبقن جي هِجي ۽ روان ڏني وئي آهي.
6.      تصويرن کي اينيميشن ڏني وئي آهي ته جيئن ٻار دلچسپي سان پڙهي سگهن.
7.      ڪيبورڊ جي Spacebar يا UP & Down Arrows جي مدد سان پريزنٽيشن کي هلائي سگهبو.
8.      ڪنهن به سبق کي پڙهڻ دوران انهي سبق جا اکر ۽ انهي سان ٺهندڙ لفظ ترتيب سان ظاهر ٿيندا رهندا ۽ ٻار کي لفظن کي سمجهن جي صلاحيت پيدا ٿيندي ۽ مڪمل سبق جي لفظن کي ترتيب سان پڙهندو.