Menu

Clickable Dropdown

Heading Text

Heading Text

Advertisement

Thursday, September 19, 2019

سنڌي ٻاراڻو ڪتاب (حيدرآباد ريجن)- مائيڪروسافٽ پاورپوائنٽ 2007 يا نِيو ايڊيشن

سنڌي ٻاراڻو ڪتاب (حيدرآباد  ريجن)هجي ۽ روان 

 Click Here to Download Sindhi Text Book
For Microsoft Office 2007 or Latest Version
File Size:148 MB
File Type: Microsoft PowerPoint Slide Show (.ppsx)

سنڌي ٻاراڻو ڪتاب ”سنڌي درسي ڳالهائيندڙ ڪتاب“ جي پهرين ڪڙي آهي، جيڪا خاص طور تي اهڙن ٻارن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪي سنڌي ٻولي جي لکائيءَ کي هِجي ڪرڻ، روان پڙهڻ ۽ لفظن جي سڃاڻپ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهن. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي طرفان شايع ٿيل هن ڪتاب کي اليڪٽرانڪ ڪتاب يعني ڳالهائيندڙ ڪتاب ۾ تبديل ڪرڻ وقت ڪافي سارن ڳالهين جو خيال رکيو ويو آهي ۽ ڪتاب کي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل تي پڙهڻ نهايت آسان ڪيو ويو آهي.

 ”سنڌي درسي ڳالهائيندڙ ڪتاب“ جي هن ايڊيشن ۾ لاڙ سنڌ لھجي ۾ پڙهائيندڙ هِجي کي شامل ڪيو ويو آهي، جيئن ”ڌ“ کي ”ڌال“، ”ڏ“ کي ”ڏي“، ”ڊ“ کي ”ڊي“، ”ڍ“ کي ”ڍي“ ۽ ”ڻ“ کي ”ڻي“ هِجي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايندڙ ايڊيشن ۾ اُتر لهجي ۾ پڙهائيندڙ هِجي کي شامل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ”ڌ“ کي ”ڌال“، ”ڏ“ کي ”ڏال“، ”ڊ“ کي ”ڊال“، ”ڍ“ کي ”ڍال“ ۽ ”ڻ“ کي ”ڻوڻ“ هِجي ڪيو ويو آهي .

هي ڪتاب هيٺين فيچرس تي مشتمل آهي. 
1.                   هي ڪتاب مائيڪرو سافٽ پاورپوائنٽ تي ٺهيل آهي ۽ ٽوٽل 68 سلائيڊن تي مشتمل آهي.
2.                   فائيل جو فارميٽ مائيڪروسافٽ پاورپوائنٽ  97-2003  سلائيڊ شو  آهي، جيڪا ڪمپيوٽر ۾ فل اسڪرين ۾ کُلي ٿو. (مائيڪروسافٽ آفيس لازمي انسٽال هجي)
3.                   Android موبائيل لاءِ  OfficeSuite جو نئون version انسٽال ڪريو.
4.                   فائيل کي مڪمل طور تي کُلڻ ڏيو ته جيئن آواز وارو مسئلو پيش نه اچي.
5.                   هن ڪتاب ۾ سڀئي سنڌي ٽيڪسٽ تصويري شڪل ۾ آهن ۽ ان لاءِ الڳ سان سنڌي فونٽس يا ڪيبورڊ جي ضرورت نه پوندي.
6.                   اکرن مان لفظ ڪيئن ٺهندا آهن، اُنهي لاءِ لفظن جي هرهڪ اکر کي ٽوڙي لفظ ٺاهڻ جو ترتيب رکيو ويو آهي، ۽ هرهڪ لفظ جي اکر ۽ ٺهندڙ لفظ جو الڳ سان اُچار ڏنو ويو آهي. 
7.                   سبقن جي هِجي ۽ روان ڏني وئي آهي.
8.                   تصويرن کي اينيميشن ڏني وئي آهي ته جيئن ٻار دلچسپي سان پڙهي سگهن.
9.                    ڪيبورڊ جي Spacebar يا UP & Down Arrows جي مدد سان پريزنٽيشن کي هلائي سگهبو.
10.               ڪنهن به سبق کي پڙهڻ دوران انهي سبق جا اکر ۽ انهي سان ٺهندڙ لفظ ترتيب سان ظاهر ٿيندا رهندا ۽ ٻار کي لفظن کي سمجهن جي صلاحيت پيدا ٿيندي ۽ مڪمل سبق جي لفظن کي ترتيب سان پڙهندو.

سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشورو جي درسي سنڌي ڪتاب ”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“ جي هن ايڊيشن ۾ لاڙ لهجي ۾ پڙهائيندڙ هِجي کي شامل ڪيو ويو آهي، جيئن ”ڌ“ کي ”ڌال“، ”ڏ“ کي ”ڏي“، ”ڊ“ کي ”ڊي“، ”ڍ“ کي ”ڍي“ ۽ ”ڻ“ کي ”ڻي“ هِجي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايندڙ ايڊيشن ۾ اُتر لهجي ۾ پڙهائيندڙ هِجي کي شامل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ”ڌ“ کي ”ڌال“، ”ڏ“ کي ”ڏال“، ”ڊ“ کي ”ڊال“، ”ڍ“ کي ”ڍال“ ۽ ”ڻ“ کي ”ڻوڻ“ هِجي ڪيو ويو آهي .

Wednesday, September 18, 2019

سنڌي ٻاراڻو ڪتاب (حيدرآباد ريجن)- مائيڪروسافٽ پاورپوائنٽ 97-2003

سنڌي ٻاراڻو ڪتاب (حيدرآباد  ريجن)هجي ۽ روان 

Sindhi text book for class one
For Microsoft Office 97-2003
File Size: 220 MB
File Type: Microsoft PowerPoint Slide Show (.pps)

سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشورو جي درسي سنڌي ڪتاب ”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“ کي جڏهن سافٽويئر جي شڪل ۾ آڻڻ پئي چاهيم ته ڪافي ساريون ڳالهيون ذهن ۾ پئي آيون،  اِهڙو ٻار جنهن کي اڃان ڪمپيوٽر جي مائوس کي پڪڙڻ ۽ مائوس کي ڊريگ ڪرڻ نه ايندو هجي سو اُنهي سافٽويئر کي ڪمپيوٽر تي ڪيئن هلائي سگهندو؟ يا اُهي والدين جن کي ڪمپيوٽر جي بيسڪ جي خبر هجي، سي پنهنجي گهر ۾ سنڌي ڪتاب جي سافٽويئر لاءِ سنڌي ڪيبورڊ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي فونٽس کي ڪيئن انسٽال ڪندا؟
انهن سڀني شين کي سامهون رکندي ”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“ جي هرهڪ اکر کي اميج ۾ تبديل ڪري پاورپوائنٽ جي سلائيڊ شو طور ٺاهڻ شروع ڪيم. ڇو ته والدين طرفان ٻارن لاءِ گهر ۾ موجود ڪمپيوٽرس ۾ مائيڪروسافٽ آفيس تقريبن انسٽال هوندو آهي. ٻار هن سافٽويئر کي ڪيبورڊ جي اسپيس بار کي پريس ڪندي مڪمل ڪتاب کي پڙهي سگهن ٿا يا والدين پنهنجي Android موبائيل ۾ پلي اسٽور تان پاورپوائنٽ سپورٽڊ OfficeSuite انسٽال ڪري ٻارن کي پڙهائي سگهن ٿا.